طبقات ابن سعد

طبقات ابن سعد

طبقات ابن سعد

طبقات ابن سعد (ڪتاب): طبقات ڪتابي تصنيفات جو هڪ پورو سلسلو آهي، جن مان گهڻا تڻا نه رهيا آهن، جيڪي قرآن جي قارين، فقيهن، شاعرن ۽ ڳائيندڙن (راڳين) جي باري ۾ لکيا ويا هئا. طبقات جي انهيءَ سلسلي ۾ هڪ مشهور تصنيف ابن سعد جي پڻ آهي، جيڪا ’طبقات ابنِ سعد‘ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. طبقات ابن سعد ٻارهن جلدن تي مشتمل آهي. پهرين جلد ۾ خاص طور تي حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن حالات درج آهن، باقي جلدن ۾ اصحابن سڳورن ۽ تابعين جا حالات لکيا ويا آهن. هي ڪتاب تقريباً اڻ لڀ ٿي چڪو هو، دنيا جي ڪنهن به ڪتب خاني ۾ ان جو نسخو موجود نه هو. تان جو هڪ وقت جرمنيءَ جي شهنشاهه کي ان جي طباعت ۽ اشاعت جو خيال آيو. ان پروفيسر ساخو کي ان ڪم تي مقرر ڪيو. پروفيسر ساخو قسطنطنيه، مصر ۽ يورپ ۾ هر هنڌ وڃي ان ڪتاب جا جزا (ذرا پرزا) هٿ ڪيا. يورپ جي ٻارهن پروفيسرن جدا جدا جي سوڌ سنوار جو ذمو پاڻ تي کنيو. تان جو نهايت صحت ۽ اهتمام سان هي نسخو ليڊن (هالينڊ) ۾ ڇپجي تيار ٿيو. هن دور ۾ طبقات ابن سعد کي هڪ مستند ۽ اهم تصنيف سمجهيو وڃي ٿو.


لفظ طبقات ابن سعدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو